ڊاڪٽر بشير احمد چانڊيو

ڊاڪٽر بشير احمد چانڊيو

بشير احمد چانڊيو ڊاڪٽر

بشير احمد چانڊيو، ڊاڪٽر: ناميارو تعليمدان ڊاڪٽر بشير احمد چانڊيو 24 اپريل 1943ع تي خيرپور ميرس ۾ ڄائو. شروعاتي تعليم خيرپور ميرس مان حاصل ڪرڻ کان پوءِ، مئٽرڪ، مراد ھاءِ اسڪول، گمبٽ جڏهن ته بي. ايس. سي 1968ع ۾، سنڌ يونيورسٽيءَ مان فرسٽ ڪلاس ۾ ڪيائين. ساڳئي سال ايگريڪلچر ڪاليج ٽنڊي ڄام ۾ ڊمانسٽريٽر مقرر ٿيو، جڏهن ته 1971ع ۾ ترقي ڪري ساڳئي اداري ۾ ليڪچرر ڀرتي ٿيو. بعد ۾ 1974ع ڌاري اسسٽنٽ پروفيسر مقرر ٿيو، جڏهن زرعي ڪاليج ٽنڊي ڄام کي يونيورسٽيءَ جو درجو مليو ته کيس اتي ئي 1982ع ۾ ائسوسيئيٽ پروفيسر طور رکيو ويو. 1983ع ڌاري يونيورسٽي آف ڪئليفورنيا (آمريڪا) مان پي. ايڇ. ڊي ڪري ڊاڪٽوريٽ جي ڊگري ورتائين. پي. ايڇ. ڊي ڪرڻ کان پوءِ، 1985ع ۾ زرعي يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر ٿيو. 1986ع ۾ ڊرينيج اينڊ ريڪليميشن انسٽيٽيوٽ جي ڊائريڪٽر جنرل ۽ 1992ع ۾ ڪائونسل آف ريسرچ ائنڊ واٽر ريسورس جي چيئرمئن ٿيڻ کان پوءِ 1999ع ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر مقرر ٿيو، جڏهن ته هن آمريڪا جي ڪئليفورنيا يونيورسٽيءَ ۾ پڻ پنهنجون خدمتون سر انجام ڏنيون آهن. ڊاڪٽر بشير احمد چانڊيو، مختلف ڪائونسلن ۽ سماجي تنظيمن ۾ عهديدار پڻ رهيو آهي، جڏهن ته پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل، آمريڪن سوسائٽي آف سول انجنيئرنگ ۽ پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ جو ميمبر پڻ رهيو. سال 74/1973ع ۾ ايم ايس (MS) جي ڊگري اميريڪن يونيورسٽي بيروت، لبنان مان حاصل ڪئي. ڊاڪٽر بشير احمد چانڊيو 26 نومبر 2018ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو